پرشوتم ڀڳوانداس

پرشوتم ڀڳوانداس: اداڪار، هدايتڪار، راڳي ۽ ليکڪ پرشوتم ڀڳوانداس، 13 مارچ 1927ع تي، ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هو ’پي. بي چاند‘ جي نالي سان به مشهور هو. مختلف اسٽيج ڊرامن ۾ هدايتڪاري ۽ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين.”زندگي هڪ ناٽڪ“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيائين. ورهاڱي بعد ڀارت ۾ ڪجهه وقت لاءِ ”جوتي ڪلامندر“ جو سيڪريٽري به رهيو. باندرا ممبئيءَ ۾ رهائش پذير هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو